ايل وي پرانچبي

ايل. وي. پرانچبي: مهاراشٽر جو هڪ عالم، لڪشمڻ وشنو پرانچبي (ايل. وي. پرائنچبي) نوڪريءَ سانگي سنڌ ۾ آيو ۽ هڪ ڊگهو عرصو هتي رهيو، جنهنڪري هن کي سنڌي ٻوليءَ سان رغبت پيدا ٿي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪري، انگريزي- سنڌي لغت تيار ڪري، 1868ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ڪرائي، جنهن جو حوالو گريئرسن جي ڪتاب ”لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جي اٺن جلدن ۾ ڏنل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو